اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته دنيا جي سامهون سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ مودي سرڪا?? ٻڌائي ته معصوم ڪشميرين تي ظلم، بربريت، جبري گمشدگيون، ع??رتن جي عصمت دري، ع??رتن، ٻارن ۽ بزرگن کي پيلٽ گنن جي ذريعي نابين بڻائن ڪهڙي جمهوريت آهي، وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ اسان ڪشمير مسئلي کي سمورن عالمي فورمن تي اج??گر ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻينداسين، پاڪستان خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين جي سياسي، سفارتي، اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ڪشمير گهيراءُ ۾ جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.