مظفر آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حي??ر خان ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي ۽ ميمبرن چيو آه?? ته ڪشمير مسئلي تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، ڪشمير تي جارحاڻي سفارتي ??اليسي جي ضرورت آه??، مودي ڀارت کي انتهاپسندي جي انتها تائين پهچائي ڇڏيو آه??. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ??ظفرآباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪشمير تي 5 آگسٽ جو فيصلو طئي ٿيل منصوبابندي تحت ڪيو، ڪشمير تي سفارتي ۽ قومي سطح تي تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آه??. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۽ حريت قيادت پنهنجون گڏيل سفارشون پرڏيهي وزارت کي ڏئي ڇڏيون آه??. ڪشمير جي معاملي تي جارحاڻي سفارتي ??اليسي جي ضرورت آه??، ڪشمير تي ??اڪستان جي سياسي قيادت کي عملي يڪجهتي جي ضرورت آه??. فاروق حيدر چيو ته مودي ڀارت کي انتهاپسندي جي انتها تائين پهچائي ڇڏيو آه??، ڀارت ۾ اصل اختي??ر 5 سيڪڙو برهمڻ وٽ آه??، سمورا وسيلا انهن جي ڪنٽرول ۾ آه?? ڪورونا وائرس کانپوءِ دنيا جون ترجيحون تبديل ٿي ويون آه??، ڪشمير پهرين نمبر تي ??و. راجا فاروق حيدر چيو ته ڪورونا جي ڪري اقتصادي ترقي متاثر ٿي دنيا بدلجي وئي، ڪشمير تي ??اڪستان ۾ سياسي يڪجهتي کي عملي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آه??، پاڪستان جي جاگرافيائي حدن کي پکڙجڻو آه??، ڪشمير کي ان جو حصو بڻجڻو آه??. ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي عيد جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هتي ??هتو آه??ان. شهريار آفريدي چيو ته مون سان گڏ ڪشمير ڪميٽي جا ميمبر پڻ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پهتا آه??. وزيراعظم عمران خان ڪشمير جي حقيقي سفير جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾ اهم فورمن تي ڪشمير جي آزادي جو ڪيس وڙهي رهيو آه??، اسان ڪشمير جي لاءِ هر قسم جي قرباني لاءِ تيار آه??ون. شهريار آفريدي چيو ته ڪشمير مسئلي تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، ڪشمير جي آزادي تائين ڪشمير جو ڪيس وڙهنداسين، فاشسٽ مودي حڪومت ڄاڻي وٺي ته ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آه??ون.