اسلام آباد ??? 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپني طرفان 8 سال اڳ عورت ۽ سندس ٻار جي بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيڻ کانپوءِ معاوضي ۾ ??ير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر وارثن کي اهو معاوضو ادا ڪيو وڃي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب صدر حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني حيسڪو طرفان معاوضي جي ادائيگي ۾ ??ير تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته حيسڪو وفاقي محتسب جي حڪم جي پاسداري ڪري ۽ 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي معاوضي جي ادائيگي ڪري، صدر ان معاملي جي اداره جاتي انڪوائري جو حڪم ڏيندي ان ۾ ??ير جي سببن تي مشتمل رپورٽ وفاقي محتسب سي??ريٽريٽ کي 30 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي، لطيف آباد، حيدرآباد جي رهواسي محمد عمر صديق جي گهرواري ۽ ٻارڙي 11 ڪي وي هاءِ ٽينشن لائن ٽٽڻ سبب 8 سيپٽمبر 2012ع تي ڪرنٽ لڳڻ سبب پنهن??ي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا هئا.