اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي سميت صوبي جي عوام جي مسئلن کي نظر ا??دا?? ڪيو جنهن سان موجوده صورتحال پيدا ٿي آهي، وفاقي حڪومت سمورا سياسي اختلافن کي مٿانهون رکندي سنڌ جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ جامع ڪوششن ۾ هر ممڪن ت??او?? فراهم ڪندي، مخالف ڌر ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي قانونسازي ۾ رخنو وجهي اين آر او چاهي ٿي، ملڪ ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، عوام جي سامهون مخالف ڌر جو ڪردار بي نقاب ڪن??ا ره??دا??ين، انهن جو مقصد ملڪي مفاد نه پر ذاتي مفاد ۽ پنهنجي اڳواڻن جو تحفظ آهي، درآمدي کنڊ ۽ ڪڻڪ ملڪ ۾ پهچي چڪي آهي جنهن سان قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي پاليسين جو محور لاچار ۽ غريب طبقا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ ۾ پري?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته ڪراچي جي عوام جنهن ڪرب مان گذري رهي آهي ان سان وفاقي حڪومت لاعلم نه آهي، حڪومت سميت پوري قوم کي ڪراچي جي عوام سان پوري همدردي آهي، هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي ڪراچي جي صورتحال تي بريفنگ وٺي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان هلندڙ هفتي ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم سنڌ جي صوبائي حڪومت کي مڪمل ت??او?? جي خاطري ڪرائي آهي.