اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تائين عوام جي ??هچ وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن تحت سٽيزن پورٽل جي دائري ڪار کي وڌايو ويندو، وزيراعظم جي هدايت تي پ??ڪستان سٽيزن پورٽل ويب سروس تيار ڪئي وئي آهي، وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين بابت خصوصي صلاحڪار سٽيزن پورٽل ويب سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موج?? پاڪستان سٽِيزن پورٽل جي توسيع سان وڌيڪ 8 ڪروڙ پاڪستاني فائديمند ٿي سگهن ٿا. ان کان اڳ اها سهولت 3 ڪروڙ 50 لک پاڪستانين کي ميسر هئي، عوام جي 8 هزار 600 ادارن تائين پنهنجي شڪايتن ڪرڻ جي لاءِ ??هچ ممڪن ٿيندي.