اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود معيشت جي باري ۾ سٺي خبر آهي ته اهو ڪمال انداز ۾ بهتر ٿي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ نومبر جي دوران به 447 ملين ڊالر سرپلس رهيو، گذريل مالي سال جي 1.7 ارب ڊالر جي خساري بدران ڪرنٽ اڪائونٽ هن سال هيستائي?? 1.6 ارب ڊالر سرپلس ٿي چڪو آهي.