اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم عمران خان جي ڊيجيٽل ??يڊيا فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد ۽ ڊيجيٽل ??يڊيا ونگ جي جنرل مئنيجر عمران غزالي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تجويز ڪيل ڊيجيٽل ??يڊيا ايڊورٽائيزنگ پاليسي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، جنهن جي حتمي منظوري وزيراعظم آفيس پاران ڏني ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت 93 ملين انٽرنيٽ صارفين موجود آهن جڏهن ته اهو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. انهي رجحان کي نظر ۾ رکندي ڊ??جي??ل ايڊورٽائيزنگ پاليسي جوڙڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي وئي آهي. في الحال وفاقي حڪومت جي ڊيجيٽل ??يڊيا ايڊورٽائيزمينٽ جو ڪو طريقيڪار موجود نه آهي. منطوري کانپوءِ اها پاڪستان جي حڪومت ج?? تاريخ جي پهرين پاليسي هوندي جنهن تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ذريعي حڪومت ڊ??جي??ل ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي تشهير ڪري سگهندي. پاڪستان جي ڊيجيٽل ??يڊيا صنعت تيزي سان پکڙجي رهي آهي. ڄاڻايل پاليسي تحت نه رڳو نئين ڊيجيٽل ??ليٽ فارمز ۽ پبلشرز جي حوصلا افزائي ٿيندي پر پاڪستاني معيشت کي پڻ فائدو پهچندو. ڊيجيٽل ??يڊيا جي توثيق سان ڪارپوريٽ سيڪٽر پڻ ڊيجيٽل ??يڊيا کي بطور اشتهاري م??م استعمال ڪرڻ طرف راغب ٿيندو. ڊاڪٽر ارسلان خالد وزيراعظم کي ڊيجيٽل ??يڊيا ڊيولپمينٽ پروگرام جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان گهڻ رخي پروگرام جي نتيجي ۾ پاڪستاني ڊيجيٽل ??يڊيا جي ترقي ۽ ترويج ۽ هيٺئين سطح تائين ڊ??جي??ل خواندگي جو فروغ ممڪن ٿيندو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پي ايم ڊي پي شاگردن، پاڪستان حڪومت ۽ ڊيجيٽل ??يڊيا جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ڪندو ۽ ڊيجيٽل ??يڊيا جو محفوظ مستقبل يقيني بڻائيندو.