اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر ۽ وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر سرمد علي ۽ سوسائٽي جي ٻين عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار مبارڪباد وارن پيغامن ۾ هنن نئين چونڊيل صدر سرمد علي، سينئر نائب صدر جميل اطهر، نائب صد?? شهاب زبيري، ??يڪ??يٽري جنرل نظافرين سهگل لاکاڻي، جوائنٽ ??يڪ??يٽري محسن بلال، فنانس ??يڪ??يٽري اويس خوشنود ۽ ٻين چونڊيل عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. هنن چيو ته انهن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي. اسپيڪر ۽ وقتي اسپيڪر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آهي. هنن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل قي??دت ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ هڪ فلاحي ۽ راودار معاشري جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪند?? رهندي.