اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 131 فوتگيون ٿيون جنهن مان 52 فوتگيون وينٽيلي??رز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ??اري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ڄي ملڪ ۾ 5 هزار 112 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيلي??رز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 74 سيڪڙو، لاه??ر ۾ 72 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 59 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 64 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشا??ر ۾ 70 سيڪڙو، ملتان ۾ 77 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 74 سيڪڙو ۽ نوشهره ۾ 67 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 99 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان ??نڌ ۾ 14 هزار 633، پنجاب ۾ 18 هزار 962، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 230، اسلام آباد ۾ 5 هزار 168، بلوچستان ۾ 894 گلگت بلتستان ۾ 453، آزاد ڪشمير ۾ 759 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو انگ 7 لک 11 هزار 465 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو ??ه مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيلي??رز تي ڪوويڊ 19 جا 641 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 91 هزار 547 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 20 هزار 823 آهي.