اسلام آ??اد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري و??اق?? وزير علي امين گنڊاپور، ??ين??ٽ ۾ قائدايوان ??ين??ٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان ??ين??ٽ ۾ قائدايوان ??ين??ٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ??ين??ٽ ۾ قانونسازي ۽ ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاد وسيم وزيراعظم کي حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪورونا وبا جي باوجود ملڪي اقتصادي ترقي لاءِ اشارن ۾ مثبت تبديلي تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن به ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ۾ عطاءُ الله خان، فهيم خان، آفتاب جهانگير، اسلم خان ۽ ڪيپٽن (ر) جميل خان شامل هئا، ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ و??اق?? حڪومت جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري و??اق?? وزير علي امين گنڊاپور، عامر محمود ڪياني ۽ سيف الله نيازي به ملاقات ڪئي.