اسلام آباد – 31 جولاءِ (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب لا??ور ۾ عارف نظامي جي رهائشگاهه تي وڃي سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عارف نظامي صحا??ت جو هڪ چمڪندڙ ستارو هو، هو مجيد نظامي جي مشن کي اڳتي وڌائيندو ??هيو. هن چيو ته عارف نظامي جي بلند درجن ۽ مغفرت جي لاءِ دعا ڪريون ٿا، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ نظامي خاندان سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته عارف نظامي جي صحا??ت جي شعبي ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، الله تعاليٰ عارف نظامي جي مغفرت فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.