اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چترال ۾ ٻيلي ۾ باهه وسائڻ دوران شهادت ماڻيندڙ ٻيلي کاتي جي ملازم جمشيد اقبال کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو آهي ته 19 آگسٽ تي چترال فاريسٽ ڊويزن ۾ ٻيلي کاتي جي هڪ ٻئي ملازم ۽ هيرو جمشيد اقبال ??رض?? جي ادائيگي دوران چمرڪن – گول جي محفوظ ڪيل ٻيلي جي حصي نمبر 01 ۾ لڳندڙ باهه وسائيندي شهادت م??ڻي. وزيراعظم عمران خا?? چيو ته هي اهي ئي بهادر آهن جيڪي پاڪستان جي شادابي لاءِ اسان جي ٻيلن جي حفاظت جو فرض نڀائي رهيا آهن.