اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ڪربلا واقعو الله تعاليٰ ۽ آخرت جي ڏهاڙي تي پڪو ايمان آهي، بي مثال تقويٰ، الله جي راهه ۾ صبر ۽ قرآن مجيد ۾ بيان شهادت جي جذبي جو هڪ بهترين نمونو آهي جنهن کي قيامت تائين ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن يوم عاشورا جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو جيڪو حضرت امام حسين ??ضه جي عظيم قرباني جي ياد ۾ 10 محرم الحرام تي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي.
ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چي?? ته ڪربلا واقعو اسان کي حضرت امام حسين ??ضه ۽ سندس ساٿين ??ي عظيم قربانين ??ي ياد ڏياري ٿو ۽ جيڪي هنن حق ۽ سچ جي خاطر ڏنيون. هن چي?? ته حضرت امام حسين ??ضه ۽ سندس ساٿي قرآني تعليم، برداشت، قرباني ۽ شهادت جي جذبي جو هڪ لازوال مثال آهن. اسد قيصر چي?? ته مسلمان جي حيثيت سان اها سان جي گڏيل ذميداري آهي ته اسان انهن شيطاني قوتن جي سامهون ڄمي بيهون جيڪي پنهنجي ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ انتشار پکڙي رهيون آهن، هن چي?? ته ڪربلا جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين ??ريقو اهو آهي ته اسان انسانيت جي ڀلائي ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيون. هن يوم عاشورا جي قرباني کي باطل جي خلاف ڏنل عظيم قرباني قرار ڏيندي چي?? ته اها قرباني قيامت تائين ??يندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندي.
ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پنهنجي پيغام ۾ چي?? ته ڪربلا واقعو حق ۽ باطل قوتن جي وچ ۾ پيش آيو اهو مسلمانن کي باطل قوتن جي خلاف بي خوف مقابلو ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. هن چي?? ته اهو ئي رستو آهي جنهن تي اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ عمل پيرا ٿيڻ جي تعليم ڏني جنهن تي هلي حضرت امام حسين ??ضه ۽ سندس ساٿين لازوال قربانيون پيش ڪي??ن، هن چي?? ته ڪربلا جو واقعو اهو درس ڏي ٿ?? ته ملڪ ۽ قوم کي جڏهن ته ڪا به مشڪلات پيش اچي ته اسان کي ڪنهن به قسم جي قرباني کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي.