اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اس??ن طالبان کي مشورو ته ڏئي سگهون ٿا ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪري سگهون، طالب??ن مخلوط حڪومت جوڙين، پشاور ک??ن مزار شريف ۽ تاشقند تائين ريلوي ٽريڪ ۽ افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين ٽرڪن جي ذريعي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪام لازمي آهي، سي پيڪ کي ي??رپي ي??نين سان ڳنڍڻ کانپوءِ خطي ۾ معاشي سرگرمين کي وڌيڪ ف??وغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا سان گڏ بدين پريس ڪلب جي عه??يد??رن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اس??ن افغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪام چاهيون ٿا، اس??ن طالبان کي مشورو ته ڏئي سگهون ٿا ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪري سگهون، وزيراعظم عمران خان باجوڙ ۾ پنهنجي خطاب دوران اشرف غني کي اليڪشن بدران سمورن گروپس سان گڏجي متفقه حڪومت قائم ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، طالبان کي به اس??ن جو مشورو آهي ته اهي مخلوط حڪومت جوڙين. هن چيو ته اس??ن طالبان کي آمريڪا سان ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت سان به طالبان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني اس??ن جي ڳالهه نه ٻڌي، پشاور ک??ن مزار شريف ۽ تاشقند تائين ريلوي ٽريڪ ۽ افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين ٽرڪن جي ذريعي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪام لازمي آهي، اس??ن سي پيڪ کي ي??رپي ي??نين سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، سي پيڪ کي ي??رپي ي??نين س??ن ملائڻ کانپوءِ خطي ۾ معاشي سرگرمين کي وڌيڪ ف??وغ ملندو، اهي مقصد انهي وقت حاصل ٿي سگهن ٿا جڏهن افغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪام هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل سالن دوران اٽڪل 1900 ارب رپيا سنڌ حڪومت کي وفاق پار??ن مليا، وفاق کي سڄي ملڪ م??ن ملندڙ ٽيڪس جو 59 سيڪڙو حصو صوبن کي منتقل ٿي وڃي ٿو، بدين ۽ گهوٽڪي ۾ گئس جي رائلٽي جي نالي تي سنڌ حڪومت وڏي رقم وفاق کان وٺي ٿي، بدين کي پنهنجي مسئلن جي لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته ورڪنگ جرنلسٽس کي حق هجڻ گهرجي ته اهي ميڊيا ٽربيونلز جي ذريعي پنهنجي ڪانٽريڪٽ جي انفورسمينٽ ڪرائي سگهن، گذريل ساڍن ٽن مهينن دوران اٽڪل 70 ڪروڙ رپيا ميڊيا گروپس کي جاري ڪيا ويا پر هن وقت به ميڊيا ادارا پنهنجي ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگيون نه ڪري رهيا آهن جيڪو افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پاڪست??ن ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي حقن ۽ فيڪ نيوز کانسواءِ هر ترميم جي لاءِ تيار آهيون. بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته بدين هڪ وڏي سياسي پس منظر جي باوجود پٺتي پيل علائقو آهي، بدين جي ميديا جو علائقائي ايشوز کي اٿارڻ ۾ متحرڪ ڪردار آهي، ميڊيا ادارن کي ادائيگي جي باوجود ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگي نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پريس ڪلب جي عه??يد??رن اطلاعات واري وفاقي وزير کي سنڌ حڪومت پاران ڪيل ناانصافين سميت درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پريس ڪلب جي عه??يد??رن جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا ۽ انهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. بدين پريس ڪلب جي عه??يد??رن ۾ پريس ڪلب جو صدر تنوير احمد آرائين، شوڪت ميمڻ، حميد سومرو، دودو پنهور، اشرف ميمڻ، ساوڻ خاصخيلي، ملڪ الياس، عمران عباس خواجه، اشفاق ميمڻ، اي مجيد، شڪور ميمڻ، خالد عباسي، شفيع ميمڻ، مرتضيٰ ميمڻ ۽ نور حسن سولنگي شامل هئا.