دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پ??ڪس??ان ۽ تاجڪستان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، افغانستان ۾ اهڙي جامع حڪومت جي قيام جي ضرورت آهي جنهن ۾ سمورن گروپن جي نمائندگي موجود هجي، افغانستان جي دوست جي حيثيت سان اسان پنجشير جي معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پ??ڪس??ان ان سلسلي ۾ پشتون گروپن جڏهن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪس??ان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ?? مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن کانپوءِ تاجڪستان جي صدر امام علي رح??انوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪامياب انعقاد تي تاجڪستان جي صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن تاجڪستان ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي بهترين ميزباني تي تاجڪستان جي صدر جو ٿورو به ادا ڪيو، وزير??عظ?? چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سياحت، اطلاعات، دواسازي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افغانستان جي صورتحال تي به اهم ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پ??ڪس??ان ۽ تاجڪستان پر پوري خطي لاءِ ضروري آهي، وزير??عظ?? چيو ته افغان عوام 40 سالن کان مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان کي امن جي ضرورت آهي، وزير??عظ?? چيو ته پنجشير ۾ طالبان ۽ تاجڪن جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ثالثي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان ڪوششون ڪنداسين ته ان معاملي کي ڳالهين سان حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پ??ڪس??ان پشتون گروپن جڏهن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. وزير??عظ?? چيو ته افغانستان جي تاريخ ۾ اها فيصلائتي گهڙي آهي، افغانستان ۾ پشتون 45 سيڪڙو آهن، ان کانسواءِ تاجڪ ۽ هزاره سميت ڪيترائي ٻيا گروپ به موجود آهن، افغانستان ۾ جامع حڪومت جي قيام جي ذريعي ئي پائيدار امن ممڪن آهي، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين، وزير??عظ?? چيو ته افغانستان ۾ قيام امن جامع حڪومت جي قيام سان ئي ممڪن آهي. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ تقريب دوشنبي جي صدارتي محل ”قطر ملت“ ۾ ٿي، وزير??عظ?? عمران خان ڳالهين ۾ پ??ڪس??اني جڏهن ته تاجڪستان جي صدر امام علي رح??انوف پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. ان کان اڳ وزير??عظ?? عمران خان پ??ڪس??ان جڏهن ته صدر امام علي رح??انوف تاجڪساتن جي طرفان مختلف شعبن ?? مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرڏيهي معاملن، صنعتي تعاون ۽ ٻٽي ٽيڪسن کان بچاءُ، مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ، فنانشل انٽيلي جنس، سياحت ۽ رانديون، اطلاعات سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، تاجڪ خابرو اداري ۽ پ??ڪس??ان جي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پ??ڪس??ان (اي پي پي) جي وچ ۾ به مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، مختلف شعبن ?? مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ حاصل ٿيندو.