اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي تيز رفتار رستي تي گامزن ڪرڻ لاء?? اعليٰ تع??يم کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته هائبرڊ تع??يم جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي جيڪا گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ اعليٰ تع??يم يافته ۽ هنرمند پيشيور ماڻهن جو تعداد وڌائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ فائونڊيشن يونيورسٽي اسلام آباد (ايف يو آءِ) بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي ڪيو، فائونڊيشن يونيورسٽي جي صدر وقار احمد ملڪ، ريڪٽر ميجر جنرل (ر) ناصر دلاور شاهه ۽ ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) پروفيسر ڊاڪٽر جواد خالق انصاري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وقار احمد ملڪ اجلاس ک?? اعليٰ تع??يم جي فروغ ۾ يونيورسٽي سميت هيلٿ سائنسز، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪيل قابل ذڪر ڪارڪردگي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته فائونڊيشن يونيورسٽي تع??يم، تحقيق ۽ تخليق ۾ مهارت جي ذريعي انساني وسيلن جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهي آهي، فائونڊيشن يونيورسٽي مان 2015ع کان 2020ع جي دوران 8960 شاگرد مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تع??يم مڪمل ڪئي ۽ پي ايڇ ڊي گريجوئيشن جو تعداد وڌائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
هن چيو ته يونيورسٽي جي انڊومنٽ فنڊ جي ذريعي مستحق شاگردن کي ميرٽ وظيفا، ضرورت تي ٻڌل مالي مدد ۽ فيس ۾ ڇوٽ به فراهم ڪري رهي آهي. صدر يونيورسٽي جي انتظاميه کي چيو ته هو ايڇ اي سي ج?? اعليٰ تع??يمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام ۽ معذر شاگردن جي ڀلائي ۽ ترقي جي پاليسين کي لاڳو ڪري ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس سميت سمورا اداره جاتي معاوضو معاف ڪري رهي آهي. هن يونيورسٽي تي زور ڏنو ته هو پنهنجي حڪمت عملي ۽ ويزن تي نظرثاني ڪري ته جيئن ان جي رسائي کي وڌائڻ، هائبرڊ ۽ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ ۽ معياري گريجوئيٽس پيدا ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دنيا تيزي سان تبديلي مان گذري رهي آهي ۽ پاڪستان کي به چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ ڊيٽا تجربي جهڙي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر ملڪ ۾ اعليٰ تع??يم خاص طور تي هيلٿ سائنس ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ فائونڊيشن يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کي ساراهيو.