تهران – 26 211; ??ڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تهر??ن پهچي ويو. امام خميني عالمي هواءِ اڏي تي پاڪستان ۾ ايران جي سفير محمد علي حسيني، ايران ۾ مقرر پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آف??سر?? پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي ايران جي دوري دوران ايراني هم منصب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سميت ايراني قيادت سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معام??ن تي تف??يل?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير 27 آڪٽوبر 2021ع تي تهران ۾ منعقد افغانستان جي پاڙ??سر?? ملڪن جي ٻي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي علائقائي صورتحال جي حوالي س??ن پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي وزير ايران جي دوري دوران ميڊيا نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معام??ن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.