اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسر?? سيف الدين عبدالله ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيندي اسلامي تعاون تنظيم ۾ ان جي موثر ڪردار ۽ ا??غا??ستان ۾ انساني بنيادن تي امداد ۽ امن سازي جي ل??ءِ ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي تعاون ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل مضبوط تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان معاشي تعاون ۾ اضافي، سياحت، دفاع ۽ عوامي سطح تي رابطن جي ڏس ۾ تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسر?? سيف الدين عبدالله ا??غا??ستان بابت اسلامي تعاون تنظيم جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ کي ا??غا??ستان جي عوام کي انساني بحران کان بچائڻ جي ل??ءِ وقت سر قدم قرار ڏيندي ساراهيو. هن ا??غا??ستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ل??ءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستان اچڻ تي پنهنجي شاندار است??با?? ۽ ميزباني تي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا.