اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو آهي ته ماضي ۾ نوجوانن جا سياسي رشوت جا پروگرام شروع ڪيا ويا، نواز شريف ۽ شهباز شريف ذاتي تشه??ر ڪندا هئا، عثمان ڊار جا ٿورائ??ا آهيون جو هن نوجوانن کي سياسي رشوت جي پروگرامز مان ڪڍيو، 40 ارب ??پي?? جا قرض نوجوانن جي لاءِ منظور ڪيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ (ن) ليگ نوجوانن جي نالي تي جيڪي پروگرامز شروع ڪيا اهي رڳو پنهنجي ذات جي لاءِ هئا، انهن ته پرائيم منسٽر لون پروگرام جو سربراهه به مريم نواز کي بڻايو هو. مملڪتي وزير چيو ته (ن) ليگ ان پروگرام تحت رڳو 26 ارب رپيا ورهايا، اسان رڳو ڪامياب جوان پروگرام جو هدف 50 ارب ??پي?? تائين وڌائينداسين. مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ نوجوانن جي لاءِ سياسي رشوت جا جيڪي پروگرام شروع ڪيا ويا انهن سان نوجوانن جو ڪو فائدو نه ٿيو. رڳو نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ذاتي تشهير ٿي. هن چيو ته آئون عثمان ڊار جو ٿورائتو آهيان جو هن نوجوانن کي سياسي رشوت جي پروگرامن مان ڪڍيو، ڪامياب جوان پروگرام ۾ شفاف نظام متعارف ڪرايو. وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ هڪ ٺوس پروگرام کڻي آياسين جنهن جا ثمر حاصل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته بئنڪن کي نوجوانن کي قرض فراهم ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪيو. فرخ حبي?? چيو ته گذريل دورن ۾ شروع ڪيل پروگرامن سان ملڪي معيشت ڪمزور ٿي، نوجوانن جو تمام وڏو حصو نوڪرين جي ڳولا ۾ رهيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته 40 ارب ??پي?? جا قرض نوجوانن جي لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، 30 ارب ??پي?? جي منظور ڪيل قرضن مان 22 هزار نوان ڪاروبار شروع ڪيا ويا آهن. مملڪتي وزير چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ۾ اسٽارٽ اپس کي پروموٽ ڪيو ويو آهي، جن وٽ وسيلن جي کوٽ هئي هاڻي اهي ان پروگرام مان فائدو کڻي پنهنجي ۽ ٻين جي روزگار جو وسيلو بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته پروگرام تحت پهرين مرحلي ۾ 10 لک ??پي?? تائين قرض بنا گارنٽي جي حاصل ڪري سگهجي ٿو. فرخ حبي?? چيو ته 30 ارب ??پي?? مان 12 ارب رپيا اسٽارٽ اپس ۾ فراهم ڪيا ويا، ڪامياب جوان پروگرام ۾ عورتن به وڌي چڙهي حصو ورتو. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان شفافيت تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته 3 هزار ڪاروبار سنڌ ۾ به شروع ڪيا ويا ۽ ڪامياب جوان پروگرام ۾ قرض سياسي بنيادن تي نه پر ميرٽ ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکي ڏنا ويا آهن. هن چيو ته 30 ارب رپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت ورهايا ويا آهن ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت 50 هزار نوڪريون ڏنيون ويون آهن. فرخ حبي?? چيو ته ”هنر سڀني جي لاءِ“ پروگرام جي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن مان 25 هزار نوجوان فائدو کڻي چ??ا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽس جو ٽارگيٽ هلندڙ سال 3 ارب ڊالر آهي. نوجوانن کي مختلف سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ايڇ اي سي سان گڏجي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي. فرخ حبي?? چيو ته پوري ملڪ ۾ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام اڃا به جاري آهي.