اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته پاڪستان يونان سا?? تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن يونان جي مائيگريشن ۽ سياسي پناهه واري وزير پناگوئٽس ميتاراچي سا?? ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سا?? گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??مر??ن خان چيو ته اسرندڙ ملڪن مان ترقي يافته ملڪن کي غيرقانوني مالياتي وهڪري اسرندڙ ملڪن جي وسيلن کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ اهو عمل غيرقانوني مائيگريشن جهڙن مسئلن جو پڻ سبب بڻجي رهيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته غيرقانوني مالياتي وهڪري کي روڪڻ سا?? گڏوگڏ قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستا پڻ ڳوليا وڃن. ان ڏس ۾ وزيراعظم يونان پاران قانوني مائيگريشن چينلز جي لاءِ قدمن کي ساراهيو جنهن سا?? پاڪستاني هنرمند ليبر جي لاءِ پڻ راهون کلنديون. وزيراعظم افغانستان ۾ سنگين انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بدحالي کي روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته 40 ملين افغان عوام جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي منجمند اثاثن کي بحال ڪرڻ پڻ لازمي آهي ڇ?? ته ان سا?? هڪ پائيدار افغان معيشت جي تعمير ۽ افغانين جي وڏي پئماني تي ٻين ملڪن ۾ چرپر ي روڪڻ ۾ مدد ملندي. يونان جي وزير ميتاراچي پاڪستان يونان لاڳاپن ۽ ٻطرفي گڏيل مٽاسٽا جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ميتاراچي وزيراعظم ??مر??ن خان کي يونان جي وزيراعظم پاران ني?? خواهشن جو پيغام پهچائيندي وزيراعظم کي يونان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزير ميتاراچي يونان جي معيشت ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نتيجاخيز ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قانوني مائيگريشن جي لاءِ تجويز ڪيل منصوبي جو خاڪو پڻ پيش ڪيو.