اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ آڻيندڙن لڪي رشوت جو پئسو استعمال ڪري ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان جي عوام سڀاڻي ان سازش کي رد ڪري ڇڏيندي، انشاءَ الله اڄ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ج??سو ٿيندو ج??هن ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو عمران خان کي خراج تحسين پيش ڪندا جنهن مل??ي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ۽ مل?? کي هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي ڏني، جلسا ڪرڻ سمورين پارٽين جو حق آهي، سمورن چورن کي چئلينج آهي ته اهي گڏجي جلسو ڪري ڏيکارين ته جيئن ماڻهو به جلسن جي ڀيٽ ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بني گالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڪياني پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته لکين ماڻهن جو سمنڊ اسلام آباد طرف گامزن آهي، گلگت بلتستان مان 20 ڪلوميٽر ڊگهي ريلي اسلام آباد پهچي ره?? آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان جا ماڻهو ان کان اڳ پاڪستان جي سياست ۾ ايترا متحرڪ نه هئا جيترا هاڻ?? آهن. خيبرپختونخواهه، پنجاب، ڪراچي، بلوچستان سميت پورو مل?? تحريڪ انصاف جي رڳن ۾ رنگجي ويو آهي. هن چيو ته سڀاڻي 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو وزيراعظم عمران خان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ آڻيندڙن لڪي رشوت جو پئسو استعمال ڪري ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان جي عوام اڄ جي جلسي ۾ ان سموري عمل کي رد ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ اڄ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي عمران خان جي ڪري آزاد آهي، پاڪستاني معيشت جو ڦيٿو هلڻ شروع ٿيو آهي، پاڪستان جي عوام مل??ي ترقي جي خلاف سازش ڪندڙن جي سازش ناڪام بڻائيندي. هن چيو ته سمورا رستا ۽ قافلا پريڊ لين اسلام آباد طرف آهن، جلسي جا سمورا انتظام مڪمل آهن، ميڊيا کي ڪوريج جي سهولت ڏني پئي وڃي. اڄ کان سمورن ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ مقامي جلوسن جون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. هن چيو ته عوام ڊسپلين قائم رکي، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي گائيڊ لائين تي عمل ڪيو وڃي، ڪنهن به جڳهه تي رستا بند نه ڪيا وڃن، هڪ پرامن احتجاج جي ذريعي اسان پنهنجي ليڊر ۽ وزيراعظم عمران خان کي خراج تحسين پيش ڪنداسين، انشاءَ الله هي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ميڙ هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جلسا ڪرڻ سمورين پارٽين جو حق آهي، سمورن چورن کي چئلينج آهي ته اهي گڏجي جلسو ڪن ته جيئن ماڻهو به انهن جلسن جي ڀيٽ ڪري سگهن. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرن جو ج??اب اچي ويو آهي ته انهن پارٽي ضابطي جي خلاف ورزي ناهي ڪئي، هڪ ميمبر سان اسد عمر جي ميٽنگ ٿي ره?? آهي، ان جو ج??اب به اچي ويندو، اميد آهي چار اسيمبلي ميمبرن جو ج??اب اڄ ئي اچي ويندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ايم ڪيو ايم سان ملاقات ٿ?? آهي، اڄ (ق) ليگ سان ٿي ره?? آهي، رات جو ٻيهر اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ عمران اسماعيل جي ايم ڪيو ايم سان ملاقات ٿيندي. چوڌ??ي فواد حسين هڪ سوال تي چيو ته فيڪ نيوز وڏي بدقسمت?? آهي، شهريار آفريدي ۽ غلام سرور جي ڳالهه ميڊيا تي ٽوڙي مروڙي پيش ڪئي وئي.