اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوبلي ??ائ?? انشورنس ڪمپني کي ??ال??سي هولڊر جي بيواهه کي 12 لک روپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي. صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي انشورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪري. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس ڪمپني ??ال??سي جي يونٽ قيمت جي طور تي 12 لک روپين جي ادا??يگ?? جي معاملي کي نظرانداز ڪيو آهي، ڪمپني بيواهه کي صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا جيڪي مرحوم مڙس پريميم طور ڪمپني کي ادا ڪيا هئا، صدر اهو فيصلو ??ال??سي هولڊر جي بيواهه عفت ناهيد جي پاران وفاقي انشورنس محتسب جي حڪم جي خلاف داخل اپيل جي شنوائي کانپوءِ ڏنو. وفاقي انشورنس محتسب مبينه طور تي گڏيل ٺاهه جي بنياد تي 45 لک جي ادا??يگ?? کانپوءِ ڪيس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، صدر چيو ته انشورنس ڪمپني ??ال??سي هولڊرز جي رقم ڪاروبار ۾ لڳائڻ کانپوءِ منافعو ڪمايو، شڪايت ڪندڙ کي منافعي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي. جمعي تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شفيق 2016ع ۾ جوبلي ??ائ?? انشورنس مان ??ال??سي حاصل ڪئي ۽ ان مد ۾ ڪمپني کي 45 لک روپيا ادا ڪيا، ??ال??سي هولڊر جي لاڏڻي کانپوءِ ان جي بيواهه دعويٰ داخل ڪئي ته انشورنس ڪمپني کيس ??ال??سي جي مد ۾ ادا ڪيل صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا آهن، صدر قرار ڏنو ته وفاقي انشورنس محتسب ٺاهه جي آڙ ۾ واپس ڪيل 45 لک رووپين جي رقم جي اصل نوعيت کي نظرانداز ڪيو آهي، بيواهه کي صرف مڙس جي ادا ڪيل رقم واپس ڪرڻ انصاف جي اصولن جي منافي ۽ ناجائز آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 3 تحت رياست هر قسم جي استحصال جي خاتمي کي يقيني بڻائيندي، انشورنس آرڊيننس انشورنس ??ال??سي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ لاءِ جاري ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ماڻهن کي ضرورتن ۽ معاشي مجبورين جي ڪري استحصال روڪڻ رياست جي ذميداري آهي، صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي انشورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪئي وڃي.