اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) موس??يا??ي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سنڌ ۾ پاڻيءَ جي بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??نڌ ۾ پاڻيءَ جي 60 سيڪڙو کوٽ انتهائي خطرناڪ آهي، پاڻي جي بچت ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو. موس??يا??ي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ??نڌ ۾ بئراجن ۽ـ شاخن ۾ پاڻيءَ جي 52 کان 62 سيڪڙو کوٽ سبب آبادي، زراعت ۽ چوپائي مال لا??ِ پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي. شيري رحمان چيو ته هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي هئڻ گهرجي ها پر 2 هزار ڪيوسڪ کان به گهٽ ڇڏيو پيو وڃي، پاڻي جي ان شديد کوٽ سبب سنڌ ۾ وونئڻن ۽ سارين جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هيٽ ويو ۽ شديد گرمي جي ان موسم ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ تي ڳڻتي آهي. گڏيل قومن مطابق 2025ع تائين پاڪستان سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو. شيري رحمان چيو ته پاڻي جي 1991ع جي معاهدي مطابق منصفاڻي ورڇ ض??وري آهي، اسان کي پاڻي جي بچت ۽ صوبن وچ ۾ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو.