ڪراچ?? – 20 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف جهاز سازي، انجنيئرنگ، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ سميت سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي ساراهيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف سان ترڪيءَ جي قومي دفاع واري وز??ر بلوسي اڪار وفد جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وز??راعظم سمورن عالمي فورمن تي ڪشمي?? مسئلي تي پاڪستاني موقف جي حمايت تي ترڪيءَ جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ترڪيءَ جي مهارت ۽ تجربي مان هر ممڪن فائدو کنيو وڃي. هن ترڪيءَ جي حڪومت ۽ عوام جوا سچي دل سان ٿورا مڃيا ??ه انهن پاڪستان ۾ ڪراچي شپ يارڊ جهڙن مضبوط ادارن جي ترقي ۾ مدد ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو جيڪو ترڪيءَ جي حمايت جي ڪري ڪيترن ئي سالن ۾ منافعو ڪمائيندڙ اداري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزر اسرار ترين، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وز??ر سيد خورشيد شاهه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل امجد خان نيازي، وز??راعظم جو اسٽريٽجڪ اينڊ پوليٽيڪل ڪميونيڪشن بابت خاص معاون سيد فهد حسين ۽ ٻيا لاڳاپيل سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.