اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت پيمرا قانون ۾ ترميم آڻي رهي آهي، 2019ع ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ چئنلز جي درجه بندي ڪئي وئي، اڳوڻي دور ۾ ميڊيا هائوسز کي جاري ٿيندڙ اشتهارن کي صحافين جي پگهارن جي ادائيگي سان نه ڳنڍيو ويو، اڳوڻي دور ۾ صحافين کي اغوا ۽ انهن تي تشدد جا واقعا ٿيا، اسان جي دور ۾ ڪو اهڙو واقعو پيش ناهي آيو، صحافين جي خل??ف داخل ايف آءِ آرز تي لاڳاپيل آءِ جيز کي گهرائي انهن جو موقف ٻڌو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??جل??س ۾ ڳالهائيندي ڪيو، ڪميٽي جي ??جل??س جي صدارت سينيٽر فيصل جاويد ڪئي جڏهن ته ??جل??س ۾ ڪميٽي جا ٻيا ميمبر به موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پيمرا جي حوالي سان ترميم ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان گڏ ڳالهيون هلي رهيون آهن، اسان جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي مشاورت سان ترميم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته جيڪا به ترميم ٿيندي اها سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٿيندي، هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ پگهار ادا نه ڪندڙ ميڊيا هائوسز جا اشتهار بند نه ڪيا ويا ۽ نه ئي انهن کي صحافين جي پگهارن جي ادائيگي سان ڳنڍيو ويو. وفاقي وزير چيو ته ورڪرز جي پگهارن ۽ ڪنٽريڪٽ جي حوالي سان قانون آندو پيو وڃي، هن چيو ته 2019ع ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ چئنلز جي درجا بندي ڪئي وئي، ان کان اڳ اي، بي ۽ ٿري ڪيٽيگري جي لحاظ کان اشتهار جار ڪيا ويندا هئا، ان درجا بندي کان اڳ پي آءِ ڊي جو اشتهارن جو نظام به شفاف هو، هن چيو ته چئنلز جي درجاه بندي پروگرام ۽ وقت جي حساب سان ڪئي وئي، اشتهار جاري ڪرڻ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو، ڪنهن چئنل سان ڪو به امتيازي سلوڪ نه رکيو ويو، هن ٻڌايو ته اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي دور ۾ چئنلز جي ڪيٽيگري ۾ تبديلي ڪئي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آزادي صحافت تي ڪامل يقين رکي ٿي، اڳوڻي دور ۾ صحافين کي اغوا ڪيو ويو ۽ انهن تي تشدد جا واقعا رونما ٿيا، اسان جي دور ۾ اهڙو ڪو به واقعو پيش نه آيو، هن چيو ته گذريل چار سال صحافين، ميڊيا ورڪرز ۽ ميڊيا هائوسز سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڪارو دور هو، اڳوڻي دور ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي راتاهو لڳايو ويو، صحافين کي اغوا ڪيو ويو، انهن تي تشدد ڪيو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته ابصار عالم هجي، اسد طور هجي يا عرفان صديقي هجي، جنهن جنهن صحافي سان ظلم ٿيو آئون هر جڳهه تي انهن سان گڏ بيٺل رهيس، هن چيو ته آزاد ميڊيا حڪومت جو احتساب ڪندي آهي، ميڊيا جي تنقيد سان اسان سدائين رهنمائي ورتي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اسان هتي موجود صحافين کي ٻڌو، جنهن جي خلاف ايف آءِ آرز ٿيون آهن انهن کي به ٻڌو آهي، بهتر آهي ته سمورن لاڳاپيل آءِ جيز کي گهرائي انهن جو موقف به ٻڌو وڃي، جيستائين ايف آءِ آرز تي انهن جو موقف نه ٿيندو معاملو ڪليئر نه ٿيندو جنهن تي ڪميٽي صحافين تي داخل ايف آءِ آرز بابت آءِ جيز کي ايندڙ ??جل??س ۾ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان اڳ ??جل??س ۾ اطلاعات واري وزارت پاران ڪميٽي کي 2008ع کان 2013ع، 2013ع کان 2018?? ۽ 2018ع کان 2022ع تائين حڪومت پاران اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي جاري ڪيل اشتهارن تي خرچ ٿيندڙ رقم ۽ ادائيگين جي طريقيڪار جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڪميٽي کي اطلاعات واري وزارت پاران ٻڌايو ويو ته اطلاعات واري وزارت پنج مرحلن ۾ اشتهار جاري ڪندي آهي، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ڪميٽي کي ٻڌايو ته وفاقي سرڪاري ادارن پاران اشتهارن جي منظوري کانپوءِ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ اداري جي ضرورت موجب اشتهار جاري ڪندو آهي، اهي اشتهار پبليڪيشنز کي پي آءِ ڊي سان سڌو سنئون جاري ڪيا ويندا آهن، حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت پاران اشتهار جاري ڪرڻ ۽ ادائيگين ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو آهي، هن ٻڌايو ته 2013ع کانپوءِ پاڪستان جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي به اشتهار جاري ڪيا ويا، 2013ع کان 2018ع تائين وزارت پاران اليڪٽرانڪ ميڊيا کي اشتهار ڏنا ويا، 2018ع کان آئوٽ ڊور ڪمپين شروع ڪئي وئي. 2013ع کان 2018ع تائين وزارت پاران اليڪٽرانڪ ميڊيا کي اشتهار ڏنا ويا، 2018ع کان آئوٽ ڊور ڪمپين شروع ڪئي وئي، 2013ع کان 2015ع تائين آپريشن ضرب عضب جي حوالي سان به اشتهار ڏنا ويا، ??جل??س ۾ اي آر وائي جي حوالي سان معاملي تي پيمرا چيئرمين ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي آر وائي جي حوالي سان ملندڙ شڪايتن تي ڪيبل آپريٽرز جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، اي آر وائي جي پليسمنٽ تبديل نه ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به اي آر وائي درخواست داخل ڪئي، اسان ڪيبل آپريٽرز جي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي، ??جل??س ۾ ريڊيو پاڪستان راولپنڊي جي زمين تان مختلف وڻن جي واڍي جو معاملو به بحث هيٺ آيو جنهن تي اطلاعات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته اطلاعات واري وزير جي هدايت تي وڻ وڍڻ جي معاملي جي حوالي سان ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا ايندڙ ??جل??س ۾ پنهنجي تفصيلي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميٽي کي سمورين صوبائي حڪومتن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لا3 پي ٽي وي جي ڪوريج جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ??جل??س ۾ ڪميٽي جي پهرين جون 2022ع تي ٿيندڙ ??جل??س جي سفارشن ۽ فيصلن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. ??جل??س ۾ ڪميٽي جي ميمبرن کانسواءِ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر سيد مبشر حسن ۽ اطلاعات واري وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.