اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري سول سرونٽ عبدالله مرحوم جي لاڏاڻ?? تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هو سي ايس پي 1967ع بئچ سان تعلق رکندو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سول سرونٽ عبدالله جي لاڏاڻ?? تي گهرو ڏک ٿيو، الله کيس جنت ۾ جڳهه ڏي. عبدالله مرحوم هڪ فرض شناس سول سرونٽ، هڪ ناليوار?? اسڪالر ۽ اسلام جي محققين مان هڪ هو. وزيراعظم چيو ته عبدالله مرحوم جو سروس دوران ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ۽ ملڪ جي لاءِ اڻٿڪ محنت سول سرونٽس جي لاءِ پوئلڳي قابل رول ماڊل آهي. اسان جون سموريون همدرديون مرحوم جي گهروارن سان گڏ آه??. ا??له تعاليٰ انهن کي صبر جميل عطا فرمائي.