اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان جمعي?? علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ??لڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي طرف وزيراعظم سان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر شاهه ??لام قادر، سينيئر نائب صدر مشتاق منهاس ۽ جنرل سيڪريٽري چوڌري طارق فاروق پڻ ملاقات ڪئي. منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم سان انساني حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده به ملاقات ڪئي. ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل به ملاقات ۾ موجود هو.