اسلام آباد/نواب شاهه – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي سرندي وارن کي ٻوڏ سٽيلن جي و??يڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثر عورتن، ٻارن، انهن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ موسمياتي ??بديلي جي ڪري نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي نوابشاهه ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. صدر پاران پنجاب حڪومت جي تعاون سان نوابشاهه ج?? ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ 5 ڪروڙ جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. صدر نوابشاهه ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته ٻوڏ جي ڪري ٻين علائقن ۽ خاص طور تي ??نڌ ۾ وڏي تباهي ٿي، شايد هي سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي. هن چيو ته ماحولياتي ??بديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۾ وڏي ٻوڏ آئي، عالمي گرمي پد جي اضافي ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر پاڪستان ان کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ موسمياتي ??بديلي جي ڪري ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. صدر چيو ته موسمياتي ??بديلي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي سطح تي مثبت ۽ ڏورس قدمن جي ضرورت آهي، ٻوڏ کان متاثر عورتن ۽ ٻارن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري لکين ايڪڙ تي ??يٺل فصل، گهرن ۽ عمارتن جو نقصان ڏسي شديد افسوس ٿيو. صدر سرندي وارن کي متاثرين جي و??يڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم مشڪل وقت ۾ سدائين پنهنجي ڀائرن جو سهارو بڻي آهي. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي پاڪستاني رهواسين سان گڏ آهيون، مشڪلاتن جو هر ممڪن ازالو ڪيو پيو وڃي، خواهش آهي ته ج??د کان جلد ماڻهن کي پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ڪيو وڃي. صدر چيو ته حڪومت ۽ سمورا فلاحي ادارا ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ امداد جي لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهيا آهن. صدر ڪئمپ ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرين سان پڻ ملاقات ئي. صدر کي ان موقعي تي ??نتظاميا پاران بريفنگ پڻ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نوابشاهه ج?? تاريخ ۾ سڀ کان و??يڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، 247000 ايڪڙ کان و??يڪ فصل تباهه ٿيا، اسڪولن ۽ گهرن کي تمام گهڻو نقصان پهتو.