نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف خميس ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو ??وتريس ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ ۾ لڳايل تصويري نمائش جو به دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي جي ٽئين ڏينهن وزيراع??م محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ سرگرمين سان ڀرپور هڪ ٻيو ??ينهن گذاريندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراع??م محمد شهباز شريف سان بل گيٽس ملاقات ڪندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچڻ تي وزيراعظم، گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو ??وتريس سان ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. بعد ۾ وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جي لابي ۾ پاڪستان مشن پاران پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي تباهي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ لڳايل تصويري نمائش جو دورو ڪندو. ٽنپهرن جو وزيراعظم ايڊٿ ليڊرز ڪو ايسوسيئيٽيڊ پريس جي اي پي ٽي وي (ايسوسيئيٽيڊ پريس اي پي ٽي وي) جي لاءِ انٽرويو ??يندو. بعد ۾ وزيراعظم پنهنجي جاپاني هم منصب فوميو ??يشيدا، بيلجيئم جي وزيراعظم اليگزينڊر ڊي ڪرو ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان جدا جدا ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.