اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت کي ملڪي معيشٽ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان شعبي جي ترقي لاءِ حڪومت ايندڙ هفتي تاريخي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪندي، هن لاڳاپيل وزير?? جي ڪميٽي کي آبادگار نمائندن سان گڏجي انهن جا مسئلا موثر انداز ۾ حل ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل سفارشون جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم آبادگار?? جي مختلف وفدن سان انه?? جي مسئل?? جي حل لاءِ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، خوراڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ميمبر راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم زرعي شعبي کي ملڪ جي ??ما??ي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ۽ ڪميٽي جي سفارش?? جي روشني ۾ ملڪ ۾ ان شعبي جي ترقي ۽ آبادگار?? جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موجوده معاشي حالت?? جي ڏس ۾ هر ممڪن ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ان سلسلي ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ آبادگار ڪانفرنس ۾ تاريخي آبادگار پئڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم انهن کي پنهنجي پنجاب جي خادم اعليٰ جي حيثيت سان زرعي شعبي جي ترقي ۽ آبادگار ڀائر?? جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جو حوالو ڏيندي ياد ڪرايو ته هن ڪهڙي طر?? سدائين آبادگار?? جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ انهن کي بجلي جي بل?? جي ادائيگي، ڀاڻ جي فراهمي ۽ زرعي اوزار?? جي خريداري تي سبسڊي فراهم ڪئي.