اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ هاڻي ٻوڏ ۽ رسد جي رڪاوٽن جي روشني ۾ سماجي تحفظ، غذ??ئي سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي مدد جي سلسلي ۾ پاڪستان لاءِ 1.5 ارب ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏن?? آهي. اها ڳالهه ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ ??رف??ن جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئ?? آهي، ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس وڌ ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچرز (بريس) پروگرام تحت فراهم ڪيل مدد پاڪستان حڪومت ??رف??ن يوڪرين بحران سميت پرڏيهي شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ 2.3 ارب ڊالرن جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنر?? ٻڌايو ته ڪووڊ 19 کان پاڪستان جي بحالي ۾ پرڏيهي جهٽڪن سبب رڪاوٽون پيدا ٿيون، وڌندڙ ڪاروباري ۽ ذاتي خرچ لکين پاڪستانين خاص طور غريب ۽ معاشي طور ڪمزور طبقن کي متاثر ڪيو، هن ٻڌايو ته ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ جو پروگرام حڪومت کي بلند قيمتن جي اثرن ۽ غذئي عدم تحفظ ۾ واڌ، ڪاروباري سرگرمين ۾ سستي رويي ۽ اقتصادي طور ڪمزور گروهن جي آمدني کي گهٽ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سان مسئلن ۾ واڌ پڻ ٿ?? آهي، هن ٻڌايو ته ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ جي فنانسنگ سان حڪومت کي ترقياتي خرچن جي پڪيج کي لاڳو ڪرڻ لاءِ گهربل مالي جاءِ فراهم ٿيندي، جيڪا پاڪستان جي غريب خاندانن لاءِ ڊزائين ڪئي وئ?? آهي.