بيجنگ – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪ??ري دوري تي بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ايئرپورٽ تي ??زيراعظم محمد شهباز شريف جو اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي ??ار?? وفاقي وزير اسحاق ڊار، مواصلات ??ار?? وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن ??ار?? وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ريلوي ۽ هوابازي ??ار?? وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪ??ري بورڊ ??ار?? وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار ??ار?? وفاقي وزير سردار اسرار ترين، خاص معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم سان گڏ آهن. 11 اپريل 2022ع تي ??زارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي ??ي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ءيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ?? شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي ??سلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارتنرشپ جو جائزووٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي. وزيراعظم جي دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي.