اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? سان پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳ??ڙي?? وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ايندڙ مهيني جنيوا ۾ ٿيندڙ ريزيلئينٽ پاڪستان ڪانفر??س جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم کي ڪانفر??س جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ اهو ته پرڏيهي وزير وزيراعظم کي پنهنجي آمريڪا جي تازي دوري جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو.