اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ حمايت جي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ??وم??ن پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 5 جنوري 1949ع ۾ گڏيل ??وم?? جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) متفقه طور تي گڏيل ??وم?? جي اهتمام هيٺ ??زا??اڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت جي قرارداد منظور ڪئي هئي. هن چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي انساني حقن جي دستاويزن ۾ برقرار رکيو ويو آهي، گڏيل ??وم?? جي جنرل اسيمبلي خودمختياري جي حق بابت پنهنجي سالياني قرارداد ۾ ان جي توثيق ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هي ڏينهن عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ??وم?? کي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي عزم جي احترام جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا گذريل 75 سال ڪشميري عوام تي ظلم جي هڪ افسوسناڪ داستان آهي. هن چيو ته ڀارت ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ده??ت جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ هن مظلوم ماڻهن کي خودمختياري جي حق جي پنهنجي نه ڇڏڻ جهڙي حق جو استعمال ڪرڻ ۽ عزت جي زندگي گذارڻ جو حق ڏيڻ کان انڪاري آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا آهن، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل واديءَ ۾ آبادياتي ۽ سياسي تبديليون ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي وقت آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ??وم??ن پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ لکيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي، ان کي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي روڪڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي قدمن کي تبديل ڪرڻ تي پڻ زو?? ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ??زا??اڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ، ڪشميري جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين اسان جي ڀرپور، ثابت قدم اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي.