ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن جي وفد سان ملاقات دوران ??يو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاق?? وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاق?? وزير خواجه محمد آصف، هوابازي واري وفاق?? وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاق?? وزير سالڪ حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وفد ۾ ابوظهبي ڊيولپمينٽ هولڊنگ ڪمپني (اي ڊي ??يو) جو چيف ايگزي??يوٽو آفيسر محمد حسن السويدي ۽ انٽرنيشنل هولڊنگز ڪمپني (آءِ ايڇ سي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد بصر شعيب ۽ ٻيا شامل هئا. وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪند?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ملاقات دوران وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ??ئي. وفد کي خوراڪ ۽ زراعت، هوابازي، بجلي، متبادل توانائي بشمول شمسي توانائي، مالياتي خدمتن، صحت جي سارسنڀال، صنعت، لاجسٽڪس، ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ پاڪستان جي جيو اڪنامڪ صلاحيتن تي بريفنگ ڏني ??ئي. محمد حسن السويدي اي ڊي ??يو جي عالمي موجودگي کي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي ظاهر ڪئي. اي ڊي ??يو وچ اوڀر جي خطي جي سڀ کان وڏي هولڊنگ ڪمپنين مان هڪ آهي جنهن وٽ ابوظهبي جي نان آئل معيشت جي اهم شعبن جو احاطو ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي متنوع پورٽ فوليو آهي.