لاهور – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان روس جي توانائي واري وزير ??ڪولي شولگينوف جي قيادت ۾ وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي لاءِ توانائي جي شعبي جي اهميت تي ا??فاق ڪيو، روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب روسي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم روس سان لاڳاپن جي پاڪستان جي لاءِ اهميت تي روشني وڌي. هن سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ صدر ولادي مير ??يوٽن سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪندي چيو ته ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا هئا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جو پڻ ذڪر ڪيو. روس جي توانائي وزير ??زيراعظم کي روسي صدر ولادي مير ??يوٽن جو خصوصي پيغام پهچايو جنهن ۾ صدر پيوٽن پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۽ اسلامي دنيا ۾ روس جو اهم حصيدار قرار ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ روس جي ڀرپور دلچسپي کي ورجايو. ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي لاءِ توانائي جي شعبي جي اهميت تي ا??فاق ڪيو. ان سلسلي ۾ روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي واري بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گئس پ??ئي?? ل??ئي??ز سان لاڳاپيل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. وزيراعظم 20 جنوري 2023ع تي ا??لام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ روس بين الحڪومتي ڪميشن جي ا??لاس جي اٺين دور جي معاملن تي رهنمائي فراهم ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ??صدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.