اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رب??ني کر 30 جنوري تي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائو??سل ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ دوران ٻڌائي. هن چيو ته مملڪ??ي وزير انساني حقن واري ڪائو??سل ۾ يونيورسل پيرياڊڪ ريويو جي عمل تحت پاڪستان جي قومي ت??قي جي رپورٽ پيش ڪندي. اهو پاڪستان جو چوٿون جائزو هوندو، ان کان اڳ 2008ع، 2012ع ۽ 2017ع ۾ ان عمل تحت پاڪستان جو جائزو ورتو ويو آهي. ترجمان چيو ته مملڪ??ي وزير پنهنجي پريزينٽيشن ۾ پاڪستان پاران گذريل 5 سالن ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪيل قانوني، پاليسي، انتظامي ۽ اداراجاتي قدمن جو خاڪو پيش ڪندي. ان کانسواءِ هوءَ عالمي انساني حقن جي حوالي سان پاڪستان جي اهم حصيداري کي به اجاگر ڪندي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته يونيورسل پيرياڊڪ ريويو 2007ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو انساني حقن واري ڪائو??سل جو هڪ اهم طريقيڪار آهي جنهن تحت گڏيل قومن جي سڀني ميمبر ملڪن جي انساني حقن جي رڪارڊ جو هر چئن کان پنجن سالن کانپوءِ جائزو ورتو وڃي ٿو.