اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي امدادي سامان کڻي خصوصي جهاز ا?? رات 10 وڳي ترڪيه روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سي 130 جهاز چڪلالا ايئربيس تان آرمي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم کڻي سڌو ترڪيه جي زلزلي کان متاثر علائقن ۾ پهچندو. 7 فيبروري جي صبح پي آءِ اي جي اڏام تان 50 ماڻهو ۽ 15 ٽن سامان ترڪيه روانو ٿيندو. ٽيم ۾ ريسڪيو 1122 جا اهلڪار به شامل ??هن. 7 فيبروري تي لاهور کان سي 130 جهاز 7 ٽن امدادي سامان کڻي ا??تنبول روانو ٿيندو. امدادي سامان ۾ سرديءَ ۾ استعمال ٿيندڙ خيما، ڪ??بل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون شامل ??هن. 8 فيبروري تي پي آءِ اي جي اڏامن جي ذريعي ا??لام آباد ۽ لاهور مان 15 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام موڪليو ويندو. صحت واري وزارت ۽ آرمي ميڊيڪل ٽيمون ترڪيه ۽ شام موڪليون وينديون.