اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي سان ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ڪئي ۽ کيس عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ اتفاق راءِ کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آءِ ايم ايف سان معاهدي تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ يقين ڏيار??و ته رياست پاڪستان حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن تي قائم رهندي. وفاقي وزير ٻڌا??و ته حڪومت هڪ آرڊيننس جاري ڪري ٽيڪسن جي ذريعي اضافي روينيو گڏ ڪرڻي چاهي ٿي. صدر مش??رو ڏنو ته ان اهم موضوع تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ وڌيڪ مناسب هوندو ۽ فوري طور تي اجلاس گهرايو وڃي ته جيئن بل کي بنا دير قانون بڻائي سگهجي.