اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سندس هدايت تي پنجاب ح??ومت رمضان پئڪيج کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت ٻين صوبن سان گڏجي مهانگائي کان متاثر ماڻهن جي فائدي لاءِ اهڙي طرح جون اسڪيمون شروع ڪندي. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سندس هدايت تي پنجاب ح??ومت پاران تيار ڪيل رمضان پئڪيج کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، ان پئڪيج تحت غريب ترين ماڻهن کي اٽو مفت ڏنو ويندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ٻين صوبن سان گڏجي مهانگائي کان متاثر ماڻهن جي فائدي لاءِ اهڙي طرح جون اسڪيمون شروع ڪندي.