اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي دعوت تي خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي جنهن ۾ عام چونڊون منعقد ڪرڻ بابت معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر ۽ گورنر آئين جي آرٽيڪل 224 (2) ۽ پهرين مارچ جي سپ??يم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ?? اليڪشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مشورو ڏنو ته گورنر اليڪشن ڪميشن سان مشاورت کانپوءِ چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان سپ??يم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ڪري، اٽڪل 2 هفتا گذري ويا، مُشڪلاتن کان بچڻ جي لاءِ سپ??يم ڪورٽ جي فيصلي موجب چونڊن جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي. صدر آئين جي پاسداري ۽ مقرر مدي جي اندر عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته مقرر وقت ۾ چونڊون آئين لاز??ي قرار ڏنيون، سپ??يم ڪورٽ توثيق ڪئي آهي، مقرر وقت ۾ چونڊون ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهن.