اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران ??ان ڪوڙ سان ماڻهن جي ذهن سازي ڪري انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري، عمران ??ان پنهنجي ڪڌي ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي وٺي جن جي ٻارن کي گمراهه ڪري آزمائش ۾ وڌو. اها ڳالهه هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران ??ان ??ي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ چئي. عمران ??ان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪراچي مان ??وبائي اسيمبلي ميمبر شهزاد اعواڻ بابت پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ تصوير جو حوالو ڏنو ته پ??رٽي ڇڏڻ کان ??نڪار تي ملڪ شهزاد اعواڻ جي قافلي کي باهه لڳائي وئي جنهن تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها تصوير هڪ سال پراڻي نوشهره ۾ موجود آئل ڊيپو ۾ لڳندڙ باهه جي آهي. عمران ??ان 19 سالن کان ماڻهن کي ڪوڙي، جعلي تصويرن ۽ مصنوعي بيانيي سان ??هن سازي ڪري بيوقوف بڻايو ۽ انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري. مريم اورنگزيب عمران ??ان کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي مجروح اناءَ جي تسڪين جي لاءِ آرام سان ٻن جهنڊن جي وچ ۾ ويهي رات جو ڪاميڊي شو هڻندو ڪري، ڪنهن رات شو ۾ پنهنجي ڪڌي ۽ ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي به وٺي جن جي ٻارن کي گمراهه ڪري آزمائش ۾ وڌو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران ??ان ??نهن شهيدن ۽ غازين جي خاندانن کان معافي وٺي جن جي دل هن زخمي ڪيا آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي بندن جي حقن جي خلاف ورزي معافي نه ٿو فرمائي.