اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ربا??ي کر 13 مئي کان ٻئي يورپي يونين انڊو پيسفڪ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ اسٽاڪ هوم سوئيڊن جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ربا??ي کر جو اهو دورو يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي واري اعليٰ نمائندي جوزپ بوريل ۽ سوئيڊش پرڏيهي وزير ٽوبياس بلسٽروم جي گڏيل دعوت تي ٿي رهيو آهي. فورم ۾ مملڪتي وزير ا??م علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندي ۽ يورپي يونين سان واپار، سيڙپڪاري، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي، آبهوا، ماحوليات ۽ صحت ۽ رابطن ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺندي. حنا ربا??ي کر فورم ۾ شريڪ اڳواڻن سان ??ڻ ملاقات ۽ ٻطرفي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي.