اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ??ندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جو قدر ڪري ٿي ۽ اها انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 مئي تي ٽانڪ ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿ??ندڙ نائيڪ محمد عتيق ۽ رجب علي جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن ??ي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ??يو. صدر زرغون بلوچستان ۾ شهيد ٿ??ندڙ سپا??ي ظهير احمد جي خاندان سان پڻ رابطو ڪيو ۽ شهيدن جي وطن لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي خراج عقيدت پيش ??يو. صدر چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جو قدر ڪري ٿي ۽ انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ?? فرض سان محبت کي پڻ ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ??ي پڻ دعا ڪئي.