بيجنگ – 04 –جولاءِ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) تحت مختلف ملڪن جي ترقياتي حڪمت عملين ۽ علائقائي تعاون جي قدمن سان اعليٰ معيار جي تعاون کي بهتر طور تي هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوششن تي زور ڏنو آهي. وڊيو لنڪ ذريعي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي هن چيو ته ايس سي او تنظيم جي ميمبرن کي صحيح رخ تي گامزن ٿيڻ ۽ يڪجهتي ۽ گڏيل اعتماد ۾ اضافي جي ضرورت آهي. هن اڱاري ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪن ج?? وچ ۾ مٽاسٽا ۽ گڏيل سکڻ جي عمل کي مضبوط بڻائڻ ۽ ماڻهن ج?? وچ ۾ ويجهي لاڳاپن کي ف??وغ ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر شي جن پنگ چيو ته متنوع تهذيبن جي هم آهنگي سان ترقي خطي جي ماڻهن جو گڏيل ويزن آهي. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن کي علائقائي امن جي تحفظ ۽ گڏيل سلامتي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته چين ??ال??ي سلامتي جي قدمن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ، اختلافن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ڪرڻ، ??ال??ي ۽ علائقائي مسئلن جي سياسي حل کي ف??وغ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. علائقائي سلامتي جي لاءِ گڏيل طور تي هڪ شيلٽر ٺاهيو وڃي. صدر شي جن پنگ اقتصادي بحالي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ عملي تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته چين ??ال??ي ترقياتي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ اقتصادي ??ال??گيريت جي صحيح رخ تي عمل ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن تحفظ پسندي، هڪطرفي پابندين ۽ قومي سلامتي ک?? معاشي دٻاءُ جي هڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي مخالفت جي ڪوششن تي زور ڏنو ۽ ديوارُون بيهارڻ، صنعتي ۽ سپلائي چينز کي ٽوڙڻ يا انهن ۾ خلل وجهڻ جي ڪوششن کي رد ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي ف??وغ ڏيڻ جي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر شي جن پنگ چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ۽ مختلف ملڪن جي ترقياتي حڪمت عملين ج?? وچ ۾ هم آهنگي کي ف??وغ ڏنو وڃي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي آزاداڻو بڻائيندي سهولتن کي ف??وغ ڏنو وڃي، بندرگاهن جي بنيادي ڍانچي ۽ علائقائي ??ال??ي لاجسٽڪس ڪوريڊورز جي تعمير تيز ڪئي وڃي ۽ علائقائي صنعتي تسلسل ۽ سپلائي تسلسل جي استحڪام ۽ آسان عمل کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. متنوع تهذيبن جي هم آهنگي سان ترقي خطي جي ملڪن جي عوام جو ويزن آهي. صدر شي چيو ته چين ??ال??ي تهذيبي قدمن کي لاڳو ڪرڻ، مختلف تهذيبن جي گڏيل بقاءَ کي ف??وغ ڏيڻ ۽ عوام ج?? وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته امن، ترقي ۽ فتح جي تعاون جو رجحان رڪجي نه ٿو سگهجي ۽ ايس سي او ملڪن پاران اسٽريٽجڪ مواصلات ۽ تعاون کي مضبوط بڻائڻ، اختلافن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مڪالمو ڪرڻ ۽ چٽاڀيٽي کان بچڻ جي لاءِ تعاون کي ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر شي هڪ ٻئي جي بنياد?? مفادن جو احترام ڪرڻ ۽ ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس تعاون جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.