اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپيئن حم??ه خان جهڙا باصلاحيت نوجوا?? اسان جي قوم جو فخر ۽ سرمايو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپئن حم??ه خان سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاق??ت ۾ حم??ه خان جو والد نياز الله خان ۽ ان جي والده کانسواءِ بين الصوبائي رابطن وارو وزير احسان الله مزاري، خصوصي معاون شزه فاطمه خواجه، بين الصوبائي رابطن وارو سيڪريٽري حنيف اورڪزئي ۽ سي??يئر وائيس پريزيڊنٽ اسڪوائش فيڊريشن ايئر وائيس مارشل ڪاظم حم??د به موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف حم??ه خان کي حڪومت پاران حوصلا افزائي جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو انعامي چيڪ به ڏنو. حم??ه خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستا?? اسڪوائش فيڊريشن جي تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم حم??ه خان جي والدين سان پشتو ۾ ڳالهه ٻولهه به ڪئي. حم??ه خان وزيراعظم کي حم??ه جي حوصلا افزائي تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم حم??ه خان کي تازو ئي آسٽريليا ۾ عالمي جونيئر چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته توهان جهڙا باصلاحيت نوجوا?? اسان جي قوم جو فخر ۽ قومي سرمايو آهن. پاڪستان کي ڏهاڪن کانپوءِ اسڪوائش جو ايترو وڏو ٽائيٽل کٽڻ تي مون سميت سڄي قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿيو. اسڪوائش هڪ بهترين راند آهي، ماضي ۾ به اسڪوائش کيڏندو رهيو آهيان، اميد آهي ته توهان جلد ئي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سا?? اسڪوائش جو سينيئر عالمي ٽائيٽل به کٽيندا. وزيراعظم چيو ته توهان پاڪستان جي ٻين نوجوانن ۽ رانديگرن جي لاءِ رول ماڊل آهيو، منهنجي سدائين اها خواهش رهي آهي ته نوجوانن کي راندين جي عالمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، تازو ئي اسان سڄي پاڪستان ۾ راندين کي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي لاءِ قومي اسپورٽس قدم جاري ڪيا. پاڪستان ۾ پهري?? اسپورٽس يونيورسٽي جو قيام ۽ هن ملڪ جي لکين باصلاحيت نوجوانن کي عالمي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ مالي ۽ فني سهولتون به ان پروگرام جو حصو آهن.