اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي باني ۽ اهم اڳواڻ شبير احمد ش??هه سميت غيرقانوني طور ??ي نظربند ٻين هزارين ڪشميري سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ??ه ڀارت انهن جي ڊگهي قيد کي ختم ڪري جن جو ”بنيادي ڏوهه“ انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪرڻ ??هي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انهن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ انهن تي هنيل هٿ ٺوڪين الزامن کان انهن کي آزاد ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته شبير احمد ش??هه هن مهيني پنهنجي مسلسل نظربندي جا 6 سال مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ هو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد ??هي. ترجمان چيو ته شبير احمد ش??هه پنهنجي سياسي خيالن جي ڪري 36 سال جيل ۾ گذاري چڪو ??هي. هن چيو ته شبير احمد ش??هه جي قيد جو ڪل مدو ان جي ز??دگ?? جي اڌ کان وڌيڪ آهي، ان کي انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل بجاطور ”ضمير جو قيدي“ قرار ڏنو ??هي.