لاڙڪاڻو-21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏجي لاڙڪاڻي شهر سچل ڪالوني ۾ مرحومه پروفيسر ڊاڪٽر بلقيس م??ڪ جي رهائشگاهه پهچي پروفيسر ڊاڪٽر بلقيس م??ڪ جي لاڏاڻي تي سندس هنج ورتل پٽ محمد طحهٰ مل?? ۽ هنج ورتل ڌيءَ غفرانه مل?? سان تعزيت ڪندي جتي بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سوڳوار خاندان سان افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊاڪٽر بلقيس م??ڪ پنهنجي سموري زندگي عوام جي خدمت ڪندي گذا??ي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هدايتن تي ڊاڪٽر بلقيس م??ڪ پاڻ کي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام خاص طور لاڙڪاڻي جا شهري ڊاڪٽر بلقيس م??ڪ جي خدمتن کي وساري نه ٿا سگهن.