اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪيو، ابوظهبي ۾ هن گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وز??ر شيخ عبدالله بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي ۽ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو جيڪو 27 جولاءِ تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وز??رن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ ٿيندڙ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر سميت ٻطرفي گهڻ رخي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن گڏيل طور تي مفيد اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي شيخ عبدالله بن زايد النهيان گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي اڻٿڪ تعاون کي ساراهيو. ان کان اڳ پرڏيهي وز??ر دبئي ۾ مادام تسائو ۾ اڳوڻي وز??راعظم شهيد محت??مه بينظير ڀٽو جي ميڻ جي م??سم?? جي نقاب ڪشائي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن مسلمان دن??ا جي پهرين عورت وز??راعظم طور محت??مه بينظير ڀٽو جي نمايان ڪارنامن جو ذڪر ڪيو جنهن سڄي دنيا ۾ نوجوانن، عورتن ۽ جمهوري تحريڪن کي متاثر ڪيو.