اسلام آباد_ 30 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين ??ن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا جي قرباني ايثار جي اهڙي علامت آهي جنهن جو انساني تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، پن??نجي هڪ ٽوئٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 14 صديون گذرڻ باوجود امام حسين رضه جي ان عظيم قرباني جي ياد انساني شعور جي ارتقا، حق انصاف ۽ انساني آزادي جي جدوجه?? ۾ ??هم ڪردار ادا ڪيو آهي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته طاقت جي استعمال سان ظلم ۽ جبر جو شڪار ماڻهن لاءِ امام حسين جي صبر جو مثال ،بردا??ت ۽ ظلم خلاف مزاحمت جي اميد پيدا ڪري ٿو،هن چيو ته رحمت الله العالمين آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ڏوهٽي اسلام جي بقا لاءِ شهادت جو رتبو حاصل ڪيو ۽ انساني تاريخ ۾ پن??نجي بهادري ۽ ايمان جي طاقت جا اڻ مٽ نقش ڇڏيا.